ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل سيريز 16 مارچ کان ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿيندي.نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت مائيڪل بريسويل ڪندو، جڏهن ته سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ جا 7 رانديگر به ٽيم جو حصو هوندا. لوڪي فرگوسن، ڊيون ڪانوي، گلين فلپس، راچن رويندرا ۽ مچل سينٽنر آءِ پي ايل سبب سيريز ۾ شرڪت نه ڪندا. ڪيوي اسڪواڊ ۾ ايش سوڌي ۽ بين سيئرز جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته ڪائل جيميسن ۽ ول او رورڪي شروعاتي ٽن ميچن لاءِ موجود هوندا، جڏهن ته ميٽ هينري کي آخري 2 ميچن لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ اسڪواڊ ۾ مائيڪل بريسويل (ڪپتان)، فن ايلن، مارڪ چيپمين، جيڪب ڊفي، زيڪ فوڪس، مچ هي، ميٽ هينري، ڪائل جيميسن، ڊيرل مچل، جمي نيشم، ول او رورڪي، ٽم رابنسن، بين سيئرز، ٽم سائفرٽ، ايش سوڌي شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون 16 مارچ کان 25 مارچ تائين کيڏيون وينديون.