اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومتي ۽ فوجي ترجمان پاران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي سياسي جماعتن کي بريفنگ، ڊي جي آءِ ايس پي چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ خطي ۾ امن چاهي ٿو، جارحيت مڙهي وئي ته دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وزير اطلاعات عطا تارڙ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري بريفنگ ڏني، پهلگام فالس فليگ آپريشن بعد صورتحال تي سياسي جماعتن کي صورتحال کان آگاهه ڪندي قومي بيانيي ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي اعتماد ۾ ورتو ويو، بيڪ گرائونڊ بريفنگ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ان ڪئمرا ڏني وئي، جنهن ۾ حڪومتي اتحاد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزير اعظم جي گهرو مامرن بابت صلاحڪار پرويز خٽڪ، مملڪتي وزير طلال چوڌري، بلال اظهر ڪياني، پيپلزپارٽي مان قمر زمان ڪائرا، شرجيل ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، شازيه مري، علي حيدر گيلاني، مسلم ليگ ن مان خرم دستگير خان، عابد شير علي، محسن شاهنواز رانجها، ايم ڪيو ايم مان فاروق ستار ، جي يو آءِ ف مان نور عالم خان، مفتي عبدشڪور خان، وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر سياسي اڳواڻن کي فوج جي تيارين کان آگاهه ڪيو، ذريعن موجب ڊي جي آءِ ايس پي چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ خطي ۾ امن چاهي ٿو، جارحيت مڙهي وئي ته دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، وزير اطلاعات سياسي اڳواڻن کي پاڪستان پاران ڀارتي قدمن خلاف عالمي سطح تي کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو،
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پهلگام واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ وارين ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو، ڀارت کي واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري عالمي جاچ ڪرائڻ جي ٻيهر آڇ ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف پاران ملائيشيا جي وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري ڀارتي رويي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ اهڙن تڪرارن ۾ پوڻ نٿو چاهي، ڀارت ثبوتن بنا پاڪستان تي الزام هنيا، پاڪستان معاشي بحرانن مان نڪرڻ بعد استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دهشتگرد واقعن ۾ ملوث هجڻ جو سوچي به نٿو سگهجي، پهلگام واقعي جي عالمي جاچ ڪرائڻ جي آڇ ڪريون ٿا، جاچ ۾ ملائيشيا به حصو ٿيو ته اُن جي آجيان ڪئي ويندي. جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسحاق ڊار ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين، بي بنياد الزامن ۽ سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ وارن قدمن کي رد ڪندي عالمي قانون ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو، اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ جو پورو حق محفوظ رکي ٿو، ملائيشين پرڏيهي وزير داتو سري محمد حسن جي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي ٻنهي ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي، ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا رکڻ تي به اتفاق ڪيو. هوڏانهن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي کي هدايت ڪئي آهي ته هو اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ترت قدم کڻي. پاڪستان سرڪاري طور فيصلو ڪيو آهي ته هو خطي جي تازي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ڏيندو. پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي قدمن ۽ بيانن بابت اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪندو. سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ بابت ڀارت جي غير قانوني قدم کي خصوصي طور تي اجاگر ڪيو ويندو. پاڪستان واضح ڪندو ته ڀارت جا جارحاڻي قدم نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر سڄي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. هي اهم سفارتي قدم پاڪستان جي عالمي برادري آڏو حقيقي صورتحال پيش ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.