پاڪستان جي 75 سالن جي معاشي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟

0
87
پاڪستان جي 75 سالن جي معاشي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟

هن وقت 23 ڪروڙ پاڪستاني عوام هڪ عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، پاڪستان معاشي طور تاريخ جي هڪ بدترين دور مان گذري رهيو آهي، 63 ٽريلين ڊالرز جو قرضي ٿي چڪو آهي، يعني ملڪ جي 90 سيڪڙو جي ڊي پي قرض ۾ ٻڏل آهي، ڪورونا هجي، سوڪهڙو هجي يا کڻي ٻوڏون هجن پر ڪرپشن ۾ ملڪ جو ڪرپٽ طبقو تمام تيزي سان ترقي ڪندو پيو اچي ۽ ملڪ عالمي رينڪنگ ۾ 140هين نمبر کان ٽپي ويو آهي، سڄي دنيا ۾ قرض ۽ امداد ملڻ جا دروازا ڏينهون ڏينهن بند ٿي رهيا آهن، ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت کان به هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، ڪروڙين نوجوان بيروزگار آهن ۽ بيروزگاري 20 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، مهانگائي 30 کان 35 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ روز خبرون پيون اچن ته پاڪستان جو اجهو ڊيفالٽ ٿيو ۽ حالت سريلنڪا کان به وڌيڪ خراب ٿي ويندي، سفارتي سطح تي پاڪستان پوري دنيا ۾ جنهن تنهائي جو شڪار آهي، ان جو مثال اڳ نٿو ملي. آمريڪا، سعودي عرب، وچ اوڀر ۽ يورپ جا جيڪي مفاد پاڪستان ۾ هئا، انهن کي اهي حاصل ٿي ويا ۽ هاڻي انهن جو پاڪستان ۾ ڪو ڊگهي مدي وارو مفاد ڪونهي تنهن ڪري انهن پاڪستان جي مسئلن ۽ معاملن کان پاڻ کي لاتعلق بڻائي ڇڏيو آهي، وري به شابس آهي چين کي جو اهو ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ڪنهن حد تائين ڀرجهلو ٿيو بيٺو آهي. پاڪستان کي اهڙي منزل تي ڪير وٺي ويو آهي؟ پاڪستان معاشي ۽ سفارتي سطح تي اڄ جنهن بدترين جڳهه تي پهتو آهي، تنهن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟ پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام سان اهڙو قهر ۽ دشمني ڪنهن ڪئي آهي؟ پاڪستان جي اهڙي ترقي جا معاشي ۽ نظرياتي بنياد ڪنهن رکيا هئا؟ تنهن جو هڪ زبردست ۽ غيرمعمولي جواب ان شخص ڏنو آهي جيڪو خود پاڪستان کي تباهي جي ان نهج تي پهچائڻ ۾ هڪ وڏو ۽ نهايت مرڪزي ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، تنهن جو نالو آهي جنرل رٽائرڊ فيض علي چشتي.(الميو ته ڏسو جو انهن کي پهرين جنرل ۽ پوءِ رٽائرڊ ٿو لکڻو پوي) جنرل ضياءُالحق جو ويجهي کان ويجهو ساٿي رهندڙ 95 سالن جي جنرل فيض علي چشتي اسلام آباد ۾ هڪڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته “مون کي سخت افسوس آهي ته جنهن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا بنياد ملڪ جي آفيسر شاهي، فوجين ۽ ايجنسين رکيا هئا، سياستدانن ان ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ منهنجيون اکيون رت روئي رهيون آهن.” ڇا واقعي اڄ پاڪستان جنهن سياسي، سفارتي ۽ معاشي سطح تي پهچي چڪو آهي، تنهن جي ذميواري صرف ئي صرف سياستدانن تي اچي ٿي؟ اچو ته ان جو ٿلهي ليکي جائزو وٺون.

سڀ کان پهرين  ته 1948ع کان 1958ع تائين ملڪ جي اعليٰ سول ۽ عسڪري آفيسر شاهي پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري ۽ اڳيان سياستدانن کي ڪري پهريان ڏهه سال معاملا هلايا، پر ان جو قطعي مطلب ناهي ته اهي سياستدان ۽ ليڊر صفا معصوم يا درويش هئا، اهي به ان قومي جرم ۾ انهن سان برابر جا شريڪ آهن. 27 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل ايوب خان مارشل لا هڻي ڏهن سالن تائين ملڪ ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويهي رهيو. وري هن پاڻ 1969ع ۾ جنرل يحييٰ خان کي اقتدار ڏئي ساڳي مارشل لا کي برقرار رکيو. 1971ع ۾ جنرل يحييٰ جي قيادت ۾ ملڪ  ٻه اڌ ٿيو ۽ اوڀر پاڪستان هميشه لاءِ الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو. اها ان وقت جي مجبوري هئي جو اقتدار بظاهر سويلين يعني ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جون خود وڏي حد تائين همدرديون اداري يعني اسٽيبلشمينٽ سان هيون ۽ خاص طور تي اوڀر پاڪستان جي معاملي تي ڀٽي صاحب جو موقف ۽ عمل اهو رهيو جيڪو ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو هو. پر ان جو قطعي مطلب نه ٿيو ته اوڀر پاڪستان جي علحدگي جو ذميوار ڪو ڀٽو ٿيو. جيڪڏهن جنرل يحييٰ خان ۽ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ چاهي ها ته اوڀر پاڪستان ڪنهن به طرح الڳ ٿي بنگلاديش نه بڻجي سگهي ها. پر اهو فيصلو جنرل يحييٰ خان ۽ تنهن وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو هو ۽ بدقسمتي سان ڀٽي صاحب پنهنجي طبقاتي مفادن وٽان عمل ڪندي اسٽيبلشمينٽ جي پوري ونگار وهي اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرائڻ ۾ پنهنجو حصو پتي به ان ۾ شامل ڪيو. ان کانپوءِ بچيل پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو گهڻو ڪجهه ڪري سگهيو پئي، پر نه ڪري سگهيو. هو به  اهو ئي ڪجهه ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آيو جيڪو هن کي ورثي ۾ مليو هو. مثال طور سفارتي سطح تي هن ڪنهن وچٿري پرڏيهي پاليسي يا سوشلسٽ سويت يونين بدران ساڳئي آمريڪي ڪئمپ ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏني، جنهن جو بنياد لياقت علي خان رکيو هو ۽ ان کانپوءِ اها جاري رهي. تنهن جو آئون هتي هڪ ئي مثال ڏيان ٿو، جيڪو ڀٽي صاحب جي دوست ۽ هن جي دور حڪومت ۾ اهم شخصيت رهندڙ ۽ ان ئي دور ۾ پنجاب جو وڏو وزير رهندڙ غلام مصطفيٰ کر جو آهي، تنهن مهتاب اڪبر راشدي کي پنهنجي پروگرام “ماضي حال ۾” انٽرويو ڏيندي اعتراف ڪندي چيو ته “جڏهن اولهه پاڪستان تي ڀارت جي حملي جو امڪان پيدا ٿي ويو ۽ اندازو هو ته پاڪستان تي 12 ڪلاڪن ۾ ڀارت حملو ڪندو، تڏهن ڀٽي صاحب منهنجي قيادت ۾ هڪ پورو وفد جنهن ۾ عزيز احمد به گڏ هو. آئون ايمرجنسي ۾ 24 ڪلاڪن جي فلائيٽ ۾ آمريڪا پهتس، اهو بلڪل هڪ ڳجهو مشن هو، آئون رات جو دير سان آمريڪا پهتس، صبح جو تيار ٿي آمريڪي صدر نڪسن سان مليس ۽ مون کي هوش ئي نه هو ڇو ته آئون ٻن ڏينهن کان نه ستو هئس. صدر نڪسن سان سڄي ڳالهه ڪيم ۽ چيومانس ته اسان جي هي حالت آهي، جيڪڏهن توهان هن وقت اسان جي مدد نه ڪئي، ته پوءِ اسان جو ڪم ختم آهي. ان وقت آمريڪا اسان جي مدد ڪئي، هو اولهه پاڪستان کي پاڻ وٽ رکڻ چاهي پيو. هن اسان جي اهڙي مدد ڪئي. آمريڪا اسان تي بندش لڳائي ڇڏي هئي ته پاڪستان کي هٿيار نه ڏنا ويندا. پر صدر نڪسن چيو ته منهنجي دوست ذوالفقار علي ڀٽي کي وڃي چئو ته اسان اولهه پاڪستان تي ڪنهن کي نظر به رکڻ نه ڏينداسين. ٻئي جهاز ذريعي آئون اڃا اسلام آباد ائيرپورٽ تي پهتس ته ان کان اڳ آمريڪي هٿيارن سان ڀريل جهاز پاڪستان ۾ پهچي چڪا هئا، جيڪي ايران جي ذريعي پهتا هئا ۽ ايراني جهاز اهي اسلحو کڻي آيا هئا.” (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو پروگرام جو حصو ٻيو يوٽيوب تي) ان سان گڏ ڀٽي صاحب بلوچستان ۽ تڏهوڪي سرحد صوبي (موجوده ڪي پي ) ۾گورنر راڄ لڳائي، فوجي آپريشن جاري رکيا، جنهن جو عارضي فائدو ضرور ڀٽي صاحب کي ٿيو هوندو پر مستقل فائدو اسٽيبلشمينٽ جو ئي هو ۽ ان کي ئي ٿيو. مٿان 5 جولاءِ تي جنرل ضيا مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي.

5 جولاءِ 1977ع کان ويندي 1988ع تائين جنرل ضيا جي مرڻ تائين تقريبن 11 سال پوري پاڪستان جو جمهوريت پسند عوام ضيائي آمريت جا عذاب برداشت ڪندو رهيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو نه صرف قتل ڪيا ويا پر ان کان به وڌيڪ ماڻهو جيلن ۾ قيد ڪيا ويا. اتي پيپلز پارٽي جي قيادت جنهن جي واڳ ڀٽي صاحب جي نياڻي بينظير صاحبه وٽ هئي، تنهن هڪ ڊيل ذريعي وڃي اقتدار حاصل ڪيو، اهو اقتدار به اهڙو جو سڀ کان پهرين صدر اسحاق خان ۽ جنرل ضياءُ جي دور جي اهم آفيسر وسيم جعفري ناڻي وزير طور قسم کنيو يعني بينظير کان به پهرين ناڻي واري وزير حلف کنيو ۽ ان جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بينظير وزيراعظم طور حلف کنيو. پرڏيهي وزير به صاحبزاده يعقوب خان رهيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڊيل مطابق هو. يعني ايترو هيٺ لهي ڊيل ڪئي وئي. پر اها عارضي ڪرسي به ويهن مهينن کان مٿي نه هلي ۽ 6 آگسٽ 1990ع تي صدر اسحاق بينظير جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ 15 آگسٽ تي بينظير چيو ته منهنجي حڪومت ملٽري اسٽيبلشمينٽ ختم ڪئي آهي. مٿان اسٽيبلشمينٽ جو خاص ماڻهو نواز شريف اقتدار ۾ آيو، وري بينظير آئي ايئن 12 آڪٽوبر 1999ع تي چوٿون ڀيرو سڌو سنئون اسٽيبلشمينٽ پاڻ اچي اقتدار سنڀاليو. 1988ع کان ويندي 12 آڪٽوبر 1990ع تائين به اصل اقتدار اسٽيبلشمينٽ وٽ هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بينظير ڀٽو توڙي نواز شريف  ٻه دفعا اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري اقتدار ۾ آيا، جنهن مان انهن ۽ سندن ساٿين تمام گهڻو مال ڪمايو، پر مجموعي طور تي پاڪستان جي عوام جا اهنج ۽ مسئلا نه گهٽيا ۽ انهن کي ڪو وڏو ۽ تاريخي رليف نه ملي سگهيو. 1999ع کان وٺي 2008ع تائين جنرل مشرف اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيو رهيو. وري ان کانپوءِ بينظير صاحبه پنهنجي حياتي ۾ جنرل مشرف سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڪجهه سببن جي ڪري ٽٽي وئي. بينظير صاحبه جي قتل کانپوءِ آصف زرداري نئين ڊيل ڪري اقتدار حاصل ڪيو. وري 2013ع ۾ نواز شريف ڊيل ڪري اقتدار حاصل ڪيو ۽ ان کانپوءِ عمران خان ته سڄو انهن جو پنهنجو هو، پر اهو پراجيڪٽ مڪمل طور ناڪام ويو ۽ وري پي ڊي ايم سان ڊيل ڪري اقتدار نواز ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ ٻين کي ڏنو ويو آهي. 2008ع کان وٺي اڄ يعني 2022ع تائين به اصل اقتدار ۽ واڳون ڌڻين وٽ آهن، جنهن جو اعتراف ٻيو ڪنهن به نه پر هڪ آرمي چيف جي حيثيت ۾ 25 نومبر تي يوم شهدا کي خطاب ڪندي جنرل باجوه چيو ته فوج ستر سال سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ ان تي تنقيد ٿيندي رهي پر هاڻي اسان فيبروري 2021ع ۾ نيوٽرل ٿيڻ جو فيصلو ڪيوسين. پر ان کانپوءِ “ادارو” ڪيترو نيوٽرل ٿيو آهي، تنهن جا تازا اعتراف پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي ڪيا ته اسان کي جنرل باجوه ئي چيو هو ته عمران خان جي مدد ڪريون. يعني اپريل 2022ع تائين به جنرل باجوه “اداري” جي سربراهه جي حيثيت ۾ مداخلت ڪندو رهيو. تنهن ڪري پاڪستان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي اسٽيبلشمينٽ وٽ اصل اقتدار رهيو آهي ۽ وچ وچ ۾ جيڪي ٿورا “عوامي دور” آيا آهن، اهي به ان سان ڊيل ڪري، جنهن ۾ عوام جو ساڳيو استحصال ٿيندو رهيو ۽ ان کي وڏن ۽ پرجوش نعرن ۾ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تنهن ڪري هن وقت پاڪستان جنهن سنگين رياستي، معاشي ۽ سفارتي بحران مان گذري رهيو آهي، تنهن جا مکيه ذميوار اسٽيبلشمينٽ، اعليٰ سول ۽ عسڪري آفيسر شاهي، ايجنسيون ۽ ان کانپوءِ ڊيل ڪري عارضي اقتدار حاصل ڪندڙ سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ آهن. پر انهن سڀني جي ملي ڀڳت ۾ جنهن طبقي وڌ کان وڌ ڀوڳيو آهي اهو آهي 23 ڪروڙ عوام، پر اهي ڪڏهن به مايوس نه ٿيا آهن، انهن جي حقيقي جدوجهد ۽ تحريڪ هن وقت به جاري آهي ۽ هاڻي منزل ڪا گهڻو ڏور ناهي.

[email protected]