پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم

0
290
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم

ميانوالي: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري سان معيشت بهتري ڏانهن گامزن آهي

 وزيراعظم شهباز شريف ميانوالي ۾ چشما پاور پلانٽ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته افواهه پکيڙيا ويا ته پاڪستان ڊفالٽ ڪندو، ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ لاءِ مخالفن جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون

چشما پاور پلانٽ چين جي پاڪستان تي اعتماد جي علامت آهي، منصوبي سان پاڪ-چين لاڳاپن کي هٿي ملندي، وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي ڪيمپس جي پيڙهه جو پٿر به رکيو ۽ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا

 وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ ۾ باقي هڪ مهينو بچيو آهي، هنرمند ماڻهن کي پرڏيهه موڪلڻ سان تجارتي خسارو گهٽائي سگهجي ٿو

ٻئي پاسي آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ مستحڪم پاليسي تي عملدرآمد کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايم ايف جي ترجمان جولي ڪوزيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ نئون پروگرام معيشت کي مستحڪم ڪرڻ وارين ڪوششن کي سهارو ڏيندو، پر آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان مستحڪم پاليسي تي عمل ڪري

 پاڪستان کي مختلف قسم جا چئلينج درپيش آهن، پاڪستان کي لاڳيتو سڌارن جي ضرورت پوندي، آءِ ايم ايف پاڪستان سان هميشه گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي

آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي پروگرام تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرز جي رقم جاري ڪئي وئي آهي، رهيل رقم نومبر ۽ فيبروري ۾ ٻن جائزن بعد فراهم ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

آگسٽ 2023ع ۾ معاملا نگران حڪومت جي حوالي ڪنداسين: وزيراعظم جو قوم کي خطاب