اسلام آباد (شوبز نيوز) پاڪستان جي پهرين خلائي ٿيم تي ٻڌل فلم ”جهان اور ڀي هين“ جي رليز جي تاريخ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي. فلم جو پريميئر اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ ٿيو، جنهن ۾ فلم جي مک اداڪارا آمنا الياس ۽ دانيال راحيل سميت فلمي صنعت سان واسطو رکندڙ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. فلم جي ڪهاڻي هڪ سائنس پروفيسر جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا ورهين جي تحقيق کانپوءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ واپس اچي ٿي، ان دوران هوءَ هڪ امڪاني قدرتي آفت جي اڳڪٿي ڪري ٿي ۽ ان کان بچاءَ لاءِ عملي قدم کڻي ٿي. فلم ۾ خلائي سائنس، ماحولياتي تبديلي ۽ سائنسي شعور جهڙن اهم موضوعن کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. فلم ۾ سائنسدان جو مک ڪردار آمنا الياس نڀايو آهي، جيڪا 5 جون تي رليز ڪئي ويندي.