ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. ان باري ۾ روئيت هلال ريسرچ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته شوال جو چنڊ ڇنڇر جي ڏينهن شام جو 3 لڳي 58 منٽن تي ڄمي چڪو آهي، آچر تي سج لٿي مهل چنڊ جي عمر 26 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي ۽ چنڊ نظر اچي سگهي ٿو. ڪائونسل موجب عيد الفطر 31 مارچ سومر جي ڏينهن ٿيڻ جو وڏو امڪان آهي سچ ۽ چنڊ وچ ۾ لهڻ جو فرق 69 کان 78 منٽ هوندو. ڪراچي ۾ سج لهن ۽ چنڊ جي لهڻ جو فرق 69 منٽ هوندو، جيواڻي ۾ 71 منٽ، ڪوئيٽا ۽ لاهور ۾ 74 منٽ ۽ گلگت بلتستان ۾ 78 منٽ هوندو. ڪائونسل موجب چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو فيصلو چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ڪندي.