واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ صدر ڀارت جي پاڪستان تي حملي کي شرمناڪ قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، آذربائيجان ۽ ٻين ملڪن به حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته شرم جي ڳالهه آهي اسان هاڻي هاڻي ڀارت جي پاڪستان تي حملي بابت ٻُڌو آهي. بي بي سي موجب وائيٽ هائوس ۾هڪ تقريب دوران آمريڪي صدر پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ”اهو شرمناڪ عمل اهي. اسان هاڻي هاڻي ٻڌو آهي ، جڏهن اسين اوول (آفيس) جي دروازي مان داخل ٿي رهيا هئاسين. انڊيا جي پاڪستان ۾ ڪارروائي تي هن چيو ته ماضي جي واقعن جي پس منظر ۾ شايد ماڻهو کي خبر هئي ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. هو ڊگهي عرصي کان وڙهي رهيا اهن. اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهن پيا، شايد صدين کان جيڪڏهن توهين ان باري ۾ سوچيو ته. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته ڇڪتاڻ جلد ختم ٿي ويندي. ٻئي طرف آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته صورتحال تي گهري نظر رکون پيا. آذربائيجان به ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن به ڀارتي حملي بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته دنيا پاڪستان ۽ ڀارت جي فوجي ڪارروائي جا متحمل نٿا ٿي سگهن. ٻنهي ملڪن کي وڌ کان وڌ صبر تحمل جي گذارش ڪيون ٿا. سي اين اين موجب ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول حملن بابت آمريڪا، برطانيا، سعودي عرب، عرب امارات ۽ روس کي حملن بابت آگاهي ڏني. آمريڪا ۾ ڀارت جي سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان وٽ فني ان پٽ ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان آهن اميد هئي ته پاڪستان پهلگام حملي بعد پنهنجي ملڪ ۾ موجود دهشتگردن ۽ انهن جي نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪندو پر هنن ابتو اسان تي فالس فليگ آپريشن جا الزام هنيا.
اسلام آباد (بيورورپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي حملي بعد قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪندي چيو آهي ته مڪار دشمن پاڪستان جي پنجن جاين تي بزدلاڻو حملو ڪيو. پاڪستان ڀارت جي مڙهيل ان جنگ جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو پورو حق رکي ٿو ۽ ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پوري قوم فوج سان گڏ آهي ۽ سموري قوم جو مورال بلند آهي قوم ۽ فوج دشمن کي منهن ڏيڻ چڱي طرح ڄاڻن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف اڄ صبح 10 وڳي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.