آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ويدنت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان جو ڪو به پسنديده اميدوار يا جماعت نه آهي، پاڪستان جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، مضبوط جمهوري پاڪستان آمريڪا جي مفاد ۾ آهي
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ويدنت پٽيل جي واشنگٽن ۾ ميڊيا کي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اسان جو ڪو به پسنديده اميدوار يا پسنديده جماعت نه آهي، اسان اهڙي تاثر کي رد ڪريون ٿا
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوري قدرن، اصولن جي پاسداري ۽ قانون جو احترام ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان سان ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون جاري آهن، انساني حقن ۽ ميڊيا جي آزاديءَ جو معاملو کنيو آهي
هي به پڙهندا
جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار هڪ شخص آهي ۽ اهو آهي آرمي چيف: عمران خان