احمد آباد(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ پاڪستاني ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان انتهائي گهٽجي ويا آهن هاڻي سان ئي اگر مگر جي ڪهاڻي شروع ٿي وئي. ٽيم جي سيمي فائنل تائين پهچڻ جو سفر هڪ دفعو ٻيهر ٻين ٽيم جي هارائڻ يا کٽڻ تي ڀاڙيو پيو وڃي.  گروپ اسٽيج جي خاتمي تي ٽاپ 4 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، پر سوال اهو آهي ته پاڪستان ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو ڪو رستو آهي يا نه، ان لاءِ قومي ٽيم کي رهيل سڀ ميچون کٽڻيون پونديون هارائڻ جي صورت ۾ واپسي جو واحد رستو هوندو. ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ڪاميابي ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندي، پاڪستان پنهنجون چار ئي ميچون سٺي رن ريٽ سان کٽي ، ان کان بعد آسٽريليا وري پنهنجي بقايا 5 ميچن مان ٻن ۾ شڪست کائي ته اهڙي صورت ۾ پاڪستان جون پوائنٽون 12 ۽ آسٽريليا جون پوائنٽون 10 ٿينديون. جنهن کانپوءِ پاڪستان لاءِ سيمي فائنل تائين پهچڻ جو رستو صاف ٿي ويندو. جيڪڏهن پاڪستان چئن ميچن مان ڪا به هڪ ميچ هاري ته پاڪستان لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ خطرا وڌندا ، پوءِ انگلينڊ ۽ بنگلاديش جي پاڪستان کان فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ پوائنٽس مٿي ٿي وينديون. جيڪڏهن پاڪستان چئن مان 2 ميچون هارايون ته سيمي فائنل تائين پهچڻ جا سمورا دروازا بند ٿي ويندا. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن  معجزي جو ئي انتظار ڪري سگهجي ٿو.