مائونٽ مينگنوئي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪندي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. مائونٽ مينگنوئي ۾ کيڏيل ٽِين ۽ آخري ون ڊي ۾ به نيوزيلينڊ پاڪستان کي 43 رنسن تان شڪست ڏيندي ٽن ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو. نيوزيلينڊ طرفان ڏنل 265 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي پاڪستاني جي بيٽنگ لائين هڪ ڀيرو وري ناڪام ٿي ويئي ۽ پوري ٽيم 40 هين اوور ۾ 221 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات عبدالله شفيق ۽ امام الحق ڪئي، اننگز جي شروعات ڪيوي فيلڊر طرفان ٿرو ڪيل بال امام الحق جي منهن ۾ لڳو جنهن سبب هو رٽائرڊ هرٽ ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ بابر اعظم ٽيم کي 73 رنسن جي سٺي شروعات فراهم ڪئي پر وري ڪو به بيٽر وڏي ڀائيواري قائم نه ڪري سگهيو. بابر اعظم کانسواءِ ڪو به رانديگر ففٽي اسڪور نه ڪري سگهيو، ڪپتان محمد رضوان 37 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته عبدالله شفيق ۽ طيب طاهر 37، 37 رنسون ٺاهي سگهيا. نيوزيلينڊ طرفان بين سيئرز پنج ۽ جيڪب ڊفي ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مائيڪل بريسويل ۽ محمد عباس هڪ، هڪ رانديگر کي پويلين جو رستو ڏيکاريو. برسات سبب متاثر ميچ کي في اننگز 42 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسون ٺاهيون. ڪيوي ڪپتان مائيڪل بريسويول 59 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، پاڪستان طرفان عاڪف جاويد چار ۽ نسيم شاهه ٻه وڪيٽون ورتيون. شاندار بيٽنگ تي ڪيوي ڪپتان مائڪيل بريسويل کي ميچ جڏهن ته بين سيئرز کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.