پاڪستان جي سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي کي پارليامينٽ کي جواب ڏيڻو پوندو: رضا رباني

0
264
رضا رباني، صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
رضا رباني، صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي کي پارليامينٽ کي جواب ڏيڻو پوندو

سينيٽ ۾ خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته رياست کي ٻڌائڻو پوندو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان ڪهڙي شرط تي جنگ بندي ٿي. ان جنگبندي جي باوجود پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي رهيا آهن

هن چيو ته رياست هاڻي ڳجهي معاهدن جي متحمل نٿي ٿي سگهي.

رضا رباني چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي کي پارليامينٽ آڏو جوابده ٿيڻو آهي، پارليامينٽ کي غير فعال بڻايو پيو وڃي، پارليامينٽ کي تڏهن استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن رياست کي ان جي ضرورت هجي

هن چيو ته جنگبندي جي باوجود افغانستان ۾ مختلف گروپ منظم ٿي رهيا آهن، اخباري رپورٽ موجب افغان فورسز پاڪ افغان سرحد تي لڳل خاردار تارون لڳائي ڇڏيون آھن، ڇا پرڏيهي وزير ان معاملي بابت آگاهه ڪندو؟