اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پاڪستان جي سمنڊ  دنيا جي چوٿين وڏي گئس ۽ تيل جي ذخيري جو انڪشاف ٿيو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب سيڪيورٽي عملدارن اهڙي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته دوست ملڪن سان گڏجي جيوگرافڪ سروي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، سوري ۾ تقريبن 3سالن کان وڌيڪ وقت لڳو، سمنڊ ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيري جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جي حوالي سان پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اِها خبر هڪ اندازو يا هڪ ڪاٿو ٿي سگهي ٿي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ۾ سمنڊ مان تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن، پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ جيولوجيڪل سروي ڪرايو ويو، سروي دوران سمنڊ مان حاصل ڪيل ڊيٽا جو مطالعو ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي پيٽروليم ڪنسيشن آفيس ايندڙ سال جي پهرئين ٽماهي ۾ بِڊنگ ڪندو، ايڪسپلوريشن جو عمل شروع ٿيڻ بعد تيل ۽ گئس جي دريافت جو معلوم ٿي سگهي ٿو.