ڪولمبو ( م ڊ)ايشيا ڪپ جي 10 هين ميچ  ۾ سري لنڪا کي ڀارت هٿان 41 رنسن تان شڪست، ڀارت فائنل ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي 212 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو،ڪپتان روهت شرما 53 ، گِل 19،ڪشن 33 راهول 39 اڪشر پٽيل 26 رنسون ٺاهيون، سريلنڪا پاران ولالاگي 5 ،اسلانڪا 4 ٿيڪشانا 1 وڪيٽ حاصل ڪئي، ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ سري لنڪن بيٽنگ لائين ٿيڙون کائيندي نظر آئي، پوري ٽيم 172 تي ڍير ٿي وئي،ولالاگي 42، ڊي سلوا 41 اسلانڪا 21 ڪشال مينڊس 15، وڪرما 17 ، رنسون ٺاهيون، ڀارت جي ڪلديپ يادو جون 4 وڪيٽون، بمرا ۽ جديجا 2-2 وڪيٽون ورتيون،سراج ۽ پانڊيا 1-1 وڪيٽ حاصل ڪئي.