لاهور (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم نه موڪلڻ واري ڀارتي بورڊ جي فيصلي تي سخت موقف اختيار ڪندي مائنس ڀارت فارمولي تي غور شروع ڪري ڇڏيو. شروعاتي موقف ۾ 1996ع ۽ 2003ع واري عالمي ڪپ جا مثال پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.1996ع ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته 2003ع ۾ نيوزيلينڊ، ڪينيا ۽ انگلينڊ زمبابوي ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو.آءِ سي سي انڪار ڪندڙ ٽيمن جي ميچن ۾ مخالف ٽيمن کي پوائنٽس ڏئي ڇڏيون هيون. ذريعن موجب، پي سي بي جو آءِ سي سي ۾ اِهو موقف هوندو ته ماضيءَ ۾ ٽيمن جي نه اچڻ تي وينيو تبديل نه ڪيو ويو، پاڪستان ان بنياد تي مائنس ڀارت چيمپيئنز ٽرافيءَ جي تجويز به ڏئي سگهي ٿو، ڀارت طرفان چيمپيئنز ٽرافيءَ واري معاملي تي هينئر تائين لکت ۾ موقف پيش ناهي ڪيو ويو. پاڪستان ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ حڪومتي گائيڊ لائنز روشني ۾ آءِ سي سي کي خط لکندو جنهن لاءِ بورڊ قانوني مشاورت پڻ مڪمل ڪري ورتي آهي. خط حڪومت گائيڊ لائينز موجب لکيو ويندو، پي سي بي آءِ سي سي کان ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ جا جوڳا ڪارڻ پڇندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٻين بورڊز سان به رابطو ڪري پنهنجو موقف پيش ڪندو