اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ممتاز ڪرڪيٽر ثناءُ مير جي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ثناءُ مير کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي هال آف فيم ۾ شامل ٿيڻ تي واڌايون ڏيندي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان طور ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزير اعظم چيو ته توهان جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. اميد آهي ته توهان پنهنجي تجربي سان نئين ٽيلنٽ کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سکيا ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. حڪومت راندين جي هر شعبي ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيلنٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪرڪيٽ سميت سڀني راندين ۾ مردن ۽ عورتن کي هڪجهڙا موقعا ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ثناءُ مير وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ورلڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ آءِ سي سي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪريان. ثناءُ مير پاڪستان ۾ خاص طور تي عورتن جي ڪرڪيٽ جي واڌاري بابت تجويزون پيش ڪيون. هن چيو ته اميد آهي ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي ميدانن، نئين ٽيلنٽ جي واڌاري ۽ خاص ڪري عورتن جي ڪرڪيٽ لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻندي.