پاڪستان جو ميزائل پروگرام ۽ آمريڪي پابنديون

0
59
وفاقي حڪومت جا مسند نشينو!

آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ڪارنيگي انڊومينٽ پاران منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر جو بائيڊن جي قومي سلامتي جي نائب صلاحڪار جان فائنر چيو آهي ته، آمريڪا کي پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل  پروگرام بابت ڳڻتي وڌي رهي آهي. اھو پهريون ڀيرو آهي ته، آمريڪي انتظاميا جي هڪ سينيئر اھلڪار سرڪاري طور تي اها دعويٰ ڪئي آهي ته، پاڪستان هڪ اهڙي “ڪارائتي ميزائل  ٽيڪنالاجي” تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا ان کي، آمريڪا کي به نشانو بڻائڻ جي قابل بڻائي سگهي ٿي. جان فائنر چيو ته، “پاڪستان لانگ رينج ميزائل  سسٽم ۽ ٻيا اهڙا هٿيار ٺاهي ورتا آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر به پنهنجن هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ويندي، جنهن ۾ آمريڪا به شامل آهي ۽ ان ڳالهه سان پاڪستان جي ارادن بابت سنجيده سوال پيدا ٿين ٿا”. ياد رھي ته، ٽي ڏينهن اڳ بائيڊن انتظاميا پاڪستان جي جوهري هٿيارن سان ليس ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلاسٽڪ ميزائل  پروگرام سان مبينا طور تي لاڳاپيل چئن ادارن تي پابنديون مڙهيون آهن، جن ۾ ان ميزائل  پروگرام جي نگراني ڪندڙ سرڪاري ادارو نيشنل ڊولپمينٽ ڪمپليڪس (اين ڊي سي) به شامل آهي. پابنديءَ ھيٺ آيل چئن ادارن مان ٽن جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي.

پاڪستان جي ميزائل  پروگرام تي آمريڪا جي تنقيد ۽ پابندين جو سلسلو نئون ناهي. آمريڪا پنهنجي عالمي طاقت جي حيثيت ۾ مختلف ملڪن تي معاشي ۽ سياسي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پابنديون هڪ اوزار طور استعمال ڪندو رهيو آهي. خاص طور تي اهي ملڪ، جيڪي پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتيءَ لاءِ هٿيارن جي ترقي يا علائقائي دفاعي نظام کي مضبوط بڻائين ٿا، اهي آمريڪي تنقيد جو هدف بڻجن ٿا. پاڪستان جو ميزائل  پروگرام، جيڪو خطي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي، هميشه عالمي تنقيد جي ور چڙهندو رهيو آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهڙي تنقيد يا پابنديون ان ملڪ کي مجبور ڪري سگهنديون ته اهو پنهنجي سلامتيءَ جي بنيادي حقن تان هٿ کڻي؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته نه. پاڪستان، جيئن ٻين خودمختيار ملڪن وانگر، پنهنجي قومي سلامتيءَ لاءِ ڪنهن به قيمت تي سودو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. آمريڪا ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي ميزائل  پروگرام ۾ مبينا سهولت فراهميءَ جي الزام ۾ ڪجهه ڪمپنين تي پابنديون عائد ڪيون. اهي پابنديون نيون ناهن، انهن جو سلسلو ڀٽو شهيد جي دور ۾ ان وقت شروع ٿيو، جڏهن آمريڪي انٽيليجنس جي مڪمل ناڪاميءَ کان پوءِ دير سان اهو پتو پيو ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ٿي چڪو آهي. ڪانگريس پاڪستان تي پابنديون لاڳو ڪيون  پر پاڪستان جو ائٽمي پروگرام جاري رهيو. اهو تمام ڳجهو هو. پوءِ بينظير ڀٽو جي دور ۾ تاريخي ميزائل  پروگرام شروع ٿيو. مجموعي طور تي هڪ درجن کان وڌيڪ پابنديون اڳ ۾ ئي پاڪستان جي ميزائل  پروگرام تي لاڳو ٿيل آهن. اربع ڏينهن پابندين جو اعلان ڪرڻ کان اڳ آمريڪا سيپٽمبر ۾ هڪ چيني تحقيقاتي اداري ۽ ڪيترين ئي ڪمپنين تي پابنديون لڳائي چڪو هو. الزام اهو هو ته اهي پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل  پروگرام لاءِ سامان ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ ۾ ملوث آهن. ڊسمبر 2021 ۾ پڻ 13 پاڪستاني ڪمپنين تي پابنديون عائد ڪيون ويون. الزام هو ته بيجنگ رييسرچ انسٽيٽيوٽ آف آٽوميشن فار مشين بلڊنگ انڊسٽري (آر آءِ ايم بي) وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن ۽ انهن جي ترسيل ۾ ملوث آهي ۽ ان هنن شاهين 3 ۽ ابابيل ميزائل  سسٽمز ۽ ممڪن طور تي ان کان وڏن سسٽمن لاءِ راڪٽ موٽرز جي جاچ لاءِ اوزار خريدڻ جي سلسلي ۾ پاڪستاني ادارو نيشل ڊولپمينٽ ڪمپليڪس (اين ڊي سي) سان گڏ ڪم ڪيو آهي.

پاڪستان کي پنهنجي پاليسين ۾ خودمختياري برقرار رکندي عالمي سفارتڪاريءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي. آمريڪا کي سمجھڻ گهرجي ته، “طاقت جي سياست” ۽ پابنديون ملڪن جي قومي مفادن کي بدلائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون آهن. پاڪستان کي پنهنجي ميزائل  پروگرام تي سمجھوتو ڪرڻ بدران پنهنجي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته مضبوط دفاعي نظام ئي قومي سلامتيءَ جو ضامن آهي.