پاڪستان جو ابدالي ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو، آءِ ايس پي آر موجب ابدالي ويپن سسٽم جو تجربو انڊس مشقن جي دوران ڪيو ويو، ابدالي ميزائل جي رينج 4 سئو 50 ڪلوميٽر آهي، ابدالي ميزائل زمين کان زمين تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، تجربي جو مقصد آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنيڪي رخن جي جانچڻ هو، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجينيئرز کي مبارڪون، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تياري ۽ ٽيڪنيڪي مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار