لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر فاروق حميد لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن اڳوڻي ڪرڪيٽر جي موت جي تصديق ڪئي آهي. فاروق حميد جي عمر 80 سال هئي، هن هڪ ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ 43 فرسٽ ڪلاس ميچون پڻ کيڏيون جنهن ۾ هن 111 وڪيٽون ورتيون. فاروق حميد 1964ع ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ آسٽريليا خلاف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ فاسٽ بالر فاروق حميد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پڻ فاروق حميد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي فاروق حميد جي درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته الله تعالٰي سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.