پاڪستان جو اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟

0
56
پاڪستان جو اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟

 ڪنهن به افسوسناڪ واقعي يا المناڪ سانحي کانپوءِ اسان وٽ کنڀين وانگر ڦُٽندڙ “قوم ۽ وقت جا دانشور” اهڙي ته دانشوري ڇنڊين ٿا، جو جيڪڏهن ڪڏهن سي آءِ اي، ايف بي آءِ يا ڪي جي بي وغيره کي انهن جي پروڙ پئجي وڃي ته اهي انهن کي جهازن ۾ ڀري پنهنجي ملڪ وٺي وڃن ۽ انهن جي “ڏاهپ” مان فائدو وٺي دنيا تي راڄ ڪن. هونئن ته ڪجهه نه ڪجهه ڇا، بلڪه تمام گهڻو ئي راڄ ته انهن ايجنسين جي ملڪن جي ملٽي نيشنل ڪمپنين وغيره جو ئي آهي. بہرحال، جعفر ايڪسپريس واري واقعي کانپوءِ اسان وٽ جيڪو بحث جاري آهي، ان ۾ اهڙيون اهڙيون لاجواب تجويزون ۽ مشورا شامل آهن، جن سان گڏ “عمل باعمل” جي مَني پئڪ گارنٽي به شامل آهي، جو جيڪڏهن انهن تي عمل ٿي وڃي ته دنيا گوڏا کوڙي ڇڏي.

                 خير، اهڙي قسم جو بحث هلندو رهي ٿو حجام جي دڪانن تي يا چانهه جي اسٽالن تي. توهان پاڻ وڃي ڏسو، ڪجهه دير کان پوءِ توهان کي لڳندو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو اسيمبلين ۾ هجن ها ته هن ملڪ جو نقشو ئي “بدلجي” چڪو هجي ها. بلوچستان جي مسئلي جي حل ۽ حالتن جي سڌاري لاءِ ڊوڙندڙ مشورا، تجويزون ۽ شرطيه حل جن طريقي سان “ڊوڙايا” پيا وڃن، انهن تي ڌيان نه ڏيڻ “عظيم انياءِ” هوندو. دانشور ته سڀ هڪجهڙا ئي هوندا آهن، پر اسان جي پياري ڀاءُ محمد عامر حسيني بلوچستان جي مسئلن تي مارڪسوادي پسمنظر ۾ تجزيا ڪيا. سندن هڪ تجزيي تي هڪ بلوچ دانشور چيو، “بلوچن جي مسئلي تي اهو شخص ڳالهائي، جنهن گهٽ ۾ گهٽ پنج سال بلوچ علائقن ۾ گذاريا هجن”. شرط ته معقول آهي، البته بلوچ آباديون ۽ علائقا ته سنڌ ۽ سرائڪي وسيب ۾ به آهن، بلڪه انهن کان اڳتي به. اسان جي راءِ ۾ رڳو بلوچ مسئلي کي سمجهڻ ۽ ٻن انتهائن وارا حل تجويز ڪرڻ سان حالتون بهتر نه ٿينديون، پر اصولي طور تي اسان سڀني کي ورهاڱي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل پاڪستان جي حقيقي مسئلن کي سمجهڻ گهرجي. مثال طور، آل انڊيا مسلم ليگ ڍاڪا، بنگال ۾ ٺهي هئي. پاڪستان جي قيام لاءِ سڀ کان پهريون پارلياماني ٺهراءُ گڏيل هندستان جي صوبي سنڌ جي اسيمبلي مان منظور ٿيو. ان ٺهراءَ جي منظوري لاءِ سرگرم شخصيتن مان هڪ جناب سيد غلام مرتضى شاهه ڪاظمي (مرشد جي ايم سيد) مرحوم، آخري پساهن تائين هيءُ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ ۽ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ جو حصو بڻجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندو رهيو.

ماضيءَ جو صوبو سرحد ۽ اڄ جو خيبر پختونخوا هڪ ريفرنڊم جي نتيجي ۾ پاڪستان جو حصو بڻيو. ان ريفرنڊم تي مسلم ليگ جي حامين ۽ سرخپوشن جي وچ ۾ هميشه ڄنڊا پٽ رهندي آئي آهي. پنجاب پاڪستان جو حامي ان وقت ٿيو، جڏهن لاهور ۾ هڪ جلوس دوران نعرو لڳو: “نوين خبر آئي اي، سڪندر ساڊا ڀائي اي”. قلات تي لشڪرڪشي ٿي. اها ڇو ٿي؟ ان کي سمجهڻ لاءِ “مطالعهء پاڪستان” جي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ ضروري آهي. اسان وٽ ته اڪثريتي آباديءَ واري صوبي اوڀر پاڪستان جي، پاڪستان کان ڌار ٿيڻ تي، اڄ تائين آزادانه مڪالمو ٿيو ئي ناهي، نه ئي ڪا تحقيق سامهون آئي آهي. مٿان وري ظلم اهو آهي ته بنگالين کي البدر ۽ الشمسذريعي مشرف به اسلام ڪرڻ وارا سڄو ملبو ڀارت، هندن، مجيب الرحمان ۽ ڀُٽي تي وجهڻ بعد پاڻ اسلام، نظريهء پاڪستان ۽ پاڪستان جا محافظ ٿيا ويٺا آهن.

جنهن تلخ حقيقت کي اسان وٽ پهرئين ڏينهن کان نظرانداز ڪيو ويو آهي، اها هيءَ آهي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٺهندڙ پاڪستان ۾ 6 قومون هزارين سالن کان آباد هيون. بنگالين، پشتونن، پنجابين، سنڌين، سرائڪين ۽ بلوچن جي پنهنجي پنهنجي تاريخو، تمدن، تهذيبون، ۽ روايتون هيون. جيڪڏهن شروعات کان ئي فيڊريشن بدران ڪنفڊريشن جو رستو اختيار ڪيو وڃي ها ته نه مصنوعيت جي مٿڀرائپ هجي ها ۽ نه ئي 14 آگسٽ 1947ع تائين قومن جا صوبن ۾ وِلن سمجهيا ويندڙ ماڻهو، صرف هڪ رات بعد، 15 آگسٽ 1947ع تي هيرو بڻائي سگهجن ها. ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ناهي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل پاڪستان پهرئين ڏينهن کان ئي تاريخي، تهذيبي، ۽ سياسي عدم توازن جو شڪار ٿي ويو. اڳتي هلي ان عدم توازن ۾ “توازن” جو رنگ ڀرڻ لاءِ ون يونٽ جو فارمولو اختيار ڪيو ويو، پر هي فارمولو حقيقت ۾ “پنجابي- پشتون- مهاجر” ٽرائڪا جي بالادستي کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جو ذريعو بڻيو. جيڪڏهن شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ملڪ کي ڪنفڊريشن جو درجو ڏئي، سڀني قومي يونٽن لاءِ برابري جو اصول اختيار ڪيو وڃي ها ته اهي ڦيٽاڙا پيدا نه ٿين ها، جن بعد ۾ جنم ورتو. فوج، عدليه، بيوروڪريسي وغيره ۾ توازن قائم ڪرڻ انتهائي ضروري هو.

توهان رڳو هڪ سادي سوال تي غور ڪريو: 1947ع کان ڊسمبر 1971ع تائين فوج ۽ سپريم ڪورٽ جا ڪيترا سربراهه بنگالي بڻيا؟ حالانڪه اوڀر پاڪستان سڀ کان وڏي آباديءَ وارو صوبو هو. هزارين ورهين جو سفر طئي ڪندڙ مقامي ٻولين ۽ تاريخ کي لتاڙي، اجنبي تاريخ ۽ فورٽ وليم ڪاليج مان ٺهيل “مسلمانن جي ٻولي” اردو کي صرف ان ڪري مڙهيو ويو، جو اها يو پي، سي پي وغيره مان آيل مهاجرن جي ٻولي هئي. مناسب فيصلو هيءُ هجي ها ته اردوءَ کي رڳو رابطي جي ٻولي قرار ڏنو وڃي ها، ۽ مقامي ٻولين کي انهن جي تاريخي حيثيت سبب قومي ٻولين طور تسليم ڪيو وڃي ها، پر ٿيو ان جي بلڪل ابتڙ. مقامي ٻولين ۽ ثقافتي سڃاڻپ تي مذهب مان ڪشيد ڪيل “ٻه قومي نظريي” جي تلوار هلائي وئي. رهي سهي ڪسر 1948ع جي قراردادِ مقاصد پوري ڪري ڇڏي. هيءَ قرارداد، اصل ۾، لياقت علي خان کي هڪ ذاتي مسئلي تي بليڪ ميل ڪرڻ جو نتيجو هئي. قراردادِ مقاصد نه صرف پاڪستان جو مذهب طئي ڪيو، پر فرقو به طئي ڪري ڇڏيو ۽ اسان اڄ تائين انهيءَ جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. ڪڏهن ڪنهن اهو سوچڻ جي زحمت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي سندن مقامي تاريخ کان ڪٽي، مصنوعي رشتي ۽ ٻاهرين تاريخ سان جوڙيو ويندو، ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟

اسان اڄ (هتي اسان مان مراد پنجن ئي قومن جا ماڻهو آهن، جن جي گڏيل آبادي 25 ڪروڙ آهي) جيڪي مسئلا، مشڪلاتون ۽ استحصال ڀوڳي رهيا آهيون، انهن کان نجات جو ڪو به رستو ڪنهن وٽ به ناهي. جنهن سوشل ڊيموڪريٽ رياست جا خواب وڪرو ڪيا ويا هئا، اهي خواب حقيقت بڻجڻ کان اڳ ئي چوري ٿي ويا. اڃا تائين هيءُ فيصلو ئي نه ٿي سگهيو آهي ته جناح صاحب جي ڪهڙي ڳالهه مڃڻي آهي؟ پبلڪ واري، يا 11 آگسٽ 1947ع واري؟ قراردادِ مقاصد ۽ ٻه ڀيرا مذهب جي اُٺ کي دستور جي خيمي ۾ ويهارڻ جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي. جمهوري رياست بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ اسان جي ڳچيءَ جو “هار” بڻيل آهي.

ساڍن ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ سفر جي باوجود، سيڪيورٽي اسٽيٽ جيڪي تجربا ڪيا، انهن جو عام ماڻهو تي ته جيڪو اثر پيو، سو پيو، پر انهن تجربن جا نتيجا خود سيڪيورٽي اسٽيٽ کي به ڀوڳڻا پيا. پر، مجال آهي جو ڪنهن اهو سوچڻ جي زحمت ڪئي هجي ته، “اسان جي هر تخليق اسان جي ئي پنهنجي ڳچيءَ ڇو ٿي پئي؟”

اڀاڳ اهو آهي ته سڀ ڪجهه ڄاڻڻ باوجود ڪو به اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته عدم توازن ۽ بي اعتمادي جو ڪينسر ڦهلجي چڪو آهي. مقامي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم نه ڪرڻ جا نتيجا، چٽيءَ ريت، ديوار تي لکيل آهن. هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندڙن مان ڪو به پنهنجو گريبان ۾ نه ٿو جهاتي پائي. جعفر ايڪسپريس واري واقعي کانپوءِ “دانش جي هڙ” ۾ جذبات جي برسات ته آهي، پر سنجيدگي ڪٿي به ناهي. لڳاتار ساڍن ٽن ڏهاڪن کان آئون مسلسل اهو عرض ڪندو پيو اچان ته بي اعتمادي ۽ عدم توازن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جو واحد رستو “نئون عمراني معاهدو” آهي. قومن جي برابريءَ وارن حقن ۽ نمائندگي جو اصول تسليم ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻ مشڪل آهي. ان ڪري بنا دير جي، مذهب ۽ عقيدن کي فرد جو ذاتي معاملو قرار ڏيڻو پوندو. ٻين جي مذهبي عقيدن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ زوري مذهب مڙهڻ کي قانوني ڏوهه قرار ڏيڻ کانسواءِ ڪو به حل نڪرڻ وارو ناهي. فيڊريشن ۾ رهندڙ قومن جي ساڃهه وندن ۽ سياستدانن وچ ۾ مڪالمو انتهائي ضروري آهي. تاريخ ۽ حقيقتن کي قتل ڪرڻ جي روش ڇڏڻي پوندي. ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته “انسان سازي” تمام ضروري آهي، ۽ اها خوداحتسابي کانسواءِ ممڪن ناهي.