اسلام آباد: پاڪستان جون هوائي حدون هر قسم جي اڏامن لاءِ مڪمل طور بحال ٿي ويون، ترجمان پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي چيو آهي ته ملڪ جي سمورين ايئرپورٽس تي فلائٽ آپريشن معمول تي اچي ويو آهي، مسافر اڏامن جي تازي شيڊيول لاءِ لاڳاپيل ايئر لائن سان رابطو ڪن، ڀارتي جارحيت سبب پاڪستان جي هوائي حدن کي 11 مئي منجهند 12 وڳي تائين هر قسم جي اڏامن لاءِ بند ڪيو ويو هو.