ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) ڀارت جي حملن بعد پاڪستان ۾ سمورا مسافر هوائي جهاز روڪيا ويا آهن. ان باري ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سمورن ايئرپورٽ تي هوائي جهاز جون پروازون روڪيون ويون آهن، مسافرن جي بڪنگ ڪئنسل ڪئي وئي آهي، هاڻ 48 ڪلاڪن تائين ڪا به فلائيٽ ڪنهن به شهر ڏانهن نه ويندي. ايندڙ جهازن جو رخ ڪراچي ڏانهن موڙيو ويو آهي.