ڪابل(م ڊ) افغانستان جي طالبان حڪومت پاڪستان تي پنهنجي علائقي ۾ هوائي حملا ڪري 46 ماڻهو مارڻ جو الزام هنيو آهي ۽ پاڪستان جي سفير کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب  افغان حڪومت چيو آهي ته پاڪستان جي پڪتيڪا واري علائقي ۾ هوائي حملا ڪيا جنهن ۾ پاڪستان مان آيل پناهگيرن جا 46 ڄڻا مارجي ويا جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. اهو وحشياڻو قدم آهي جيڪا سفارتي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ان جو جواب ڏنو ويندو. پاڪ فوج ان باري ۾ ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي. جڏهن ته افغان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو.