اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  پاڪستان بار ڪائونسل ڀارت جي تازين جارحيت خلاف 9 مئي 2025ع خميس ڏينهن ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪندي ان ڏينهن کي يوم يڪجهتي پاڪستان طور ملهاڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاڪستان بار ڪائونسل ڀارت جي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اقوام متحده کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ڀارت نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پر گڏيل قومن جي چارٽر جي به کلي ڀڃڪڙي جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل پاڪ فوج، تازين حملن ۾ شهيد ٿيل شهرين ۽ انهن جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ان سان گڏ سڀني بار ايسوسيئيشنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 9 مئي تي ڀارت خلاف ريليون، مذمتي گڏجاڻيون ۽ ٺهراءُ منظور ڪن.