اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل جي چيئرمين فاروق نائيڪ جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آئين ۾ 26هين آئيني ترميم تي غور ڪيو ويو. چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي رياضت علي سحر صحت جي خرابي سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمن جي رازداري تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو. پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي 26هين آئيني ترميم جي تجويز تي غور ويچار ڪيو. تجويز ڪيل 26هين آئيني ترميم ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون. پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ايندڙ 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي.