لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندڙ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر تي جوابي وار ڪيو آهي. واضح رهي ته گواسڪر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته  مان سمجهان ٿو ته ڀارت جي بي ٽيم به پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج ثابت ٿيندي، پاڪستاني ٽيم ان کان به هارائي ويندي.“ سندس بيان تي ردعمل ڏيندي انضمام الحق چيو ته گواسڪر کي انگ اکر ڏسڻ گهرجن، هو سينيئر رانديگر آهي ۽ هو سندس تمام گهڻي عزت ڪري ٿو پر ڪنهن ٻئي ملڪ بابت ڳالهائيندي احتياط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته توهان جي ٽيم سٺي راند کيڏي آهي، توهان کي پنهنجي ٽيم جي واکاڻ ڪرڻ جو پورو حق آهي، پر ڪنهن ٻي ٽيم تي اهڙي تنقيد ڪرڻ صحيح ناهي. انضمام الحق گواسڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته ” مهرباني ڪري لفظن جو چونڊ احتياط ۾ ڪيو، مان اِهو سخت انداز ۾ ۾ سان چئي رهيو آهيان. “ ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان ڪئي، جتي ڀارت کانسواءِ سموريون ميچون پاڪستان ۾ ٿيون ، جڏهن ته ڀارت هائبرڊ ماڊل تحت فائنل سميت پنهنجو سڀ ميچون دبئي ۾ کيڏيون.