اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۾ ضابطن جي خلاف 332 آفيسرن جي ڀرتين جو نوٽيس وٺندي چيئرمين /ڏسو صفحو 7 بقايا 09

پي اي آر سي غلام محمد علي کي طلب ڪري ورتو. چيئرمين ڪاميٽي جنيد اڪبر خان چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪهڙن ڪهڙن جي مٽن مائٽن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي ميمبر شازيا مري چيو ته جيڪڏهن اهڙي ريت ڀرتيون جاري رهيون ته نوجوان ڪيڏانهن ويندا؟ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن معاملي ۾ شفافيت ثابت نه ٿي ته معاملو نيب ڏانهن موڪليو ويندو. پي اي سي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي مالي سال 2023/24 جي آڊٽ اعتراضن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ڊويزن جي آڊٽ رپورٽ ۾ ساڍا ست ارب رپين جون مالي بي ضابطگيون آهن. اختيارين ٻڌايو ته سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي 195 ملز مالڪن کان ڪپهه سيس جي مد 3 ارب 44 ڪروڙ رپين جي رڪوري ڪئي. جنهن تي وزارت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ان معاملي تي اپٽما ۽ پارلياماني اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي ملوث ڪيو ويو. ملز مالڪن کي رڪوري لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ ملز مالڪن بقاياجات جي ادائگي لاءِ معاهدو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڪاميٽي 30 جون تائين وصوليون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. اجلاس ۾ ڪاميٽي ميمبرن ڪپهه جي پيداوار گهٽجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزارت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي پاران ناڻي وزارت جي منظوري کان بنا 155 ملازم ڀرتي ڪيا، جنهن سان 2 ڪروڙ 16 لک روپين جو نقصان ٿيو سيڪريٽري ٻڌايو ته انهن سمورن 155 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. پي اي سي ميمبر امين الحق ٻڌايو ته انهن ملازمن کي 11 سال گذرڻ کان پوءِ ڇو برطرف ڪيو ويو. جنهن تي وزارت جي سيڪريٽري چيو ته ٻڌايو ويو ته هي ملازم مسلسل 11 سالن کان ڪم ناهن ڪندا. پر هر سال ڪپهه جي سيزن ۾ 89 ڏينهن جي لاءِ مزدوري تي ڀرتي ڪيا ويندا آهن. ڪاميٽي 15 ڏينهن اندر انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪاميٽي ميمبر عامر ڊوگر چيو ته فوڊ سيڪيورٽي وزارت ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي، اجلاس ۾ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۾ ضابطن جي ابتڙ 332 آفيسرن جي مقررين جي حوالي سان آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته پي اي اي اس 164 بجاءِ 332 آفيسرن جون ڀرتيون ڪيون ۽ ڀرتين ۾ صوبائي ۽ علائقائي ڪوٽا جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. چيئرمين ڪاميٽي چيو ته ڀرتين ۾ صوبائي ڪوٽا تي عمل نه ناهي ڪيو ويو.  صرف ٽن ضلعن مان 332 ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته مون کي خبر آهي ته  ڀرتي ٿيندڙ ڪنهن ڪنهن جا مائٽ آهن. ان فهرست ۾ وفاقي وزيرن ۽ چيئرمين پي اي آر سي جي مائٽن جا نالا به آهن.