اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي اي آر سي ۾ 164 نوڪرين جا اشتهار ڏئي 332 ملازم ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف، پي اي آر سي ۾ ڀرتين جو معاملو جاچ لاءِ ايف آءِ اي حوالي  تفصيل موجب پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي) ۾  غيرقانوني ڀرتين جو معاملو سامهون اچي ويو. آڊٽ اختيارين پي اي سي ۾ انڪشاف ڪندي  چيو آهي ته پي اي آر سي ۾  164 نوڪرين جي خالي جاين لاءِ اشتهار ڏئي، 332 ڀرتيون ڪيون، ڀرتي ٿيل ماڻهن جا ڊوميسائل به فراهم نه ڪيا ويا، نه ئي ڪوٽا جو خيال رکيو ويو. صرف 5 ضلعن مان 29 سيڪڙو ڀرتيون ڪيون ويون. چيئرمين پي اي آر سي غلام علي چيو ته جايون وڌائڻ جو ڪارڻ ضروري ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي عملي جي ضرورت هئي. پ پ ميمبر سيد نويد قمر چيو ته “ضرورت هئي ته قانون مطابق ڀرتيون ڪريو ها. پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر چيو ته ڀرتي ڪيل ماڻهن ۾ چيئرمين پي اي آر سي ۽ ٻين جا مائٽ به شامل آهن. شيخ وقاص چيو ته ڇا چيئرمين پي اي آر سي جي عهدو هاءِ ڪورٽ خالي قرار ڏنو هو؟”چيئرمين پي اي آر سي جواب ڏنو ته فيصلي خلاف ڊويزن بينچ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي. شيخ وقاص چيو ته چيئرمين پي اي آر سي پاران ڪيل ڀرتين جي ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي. پي اي سي طرفان پي اي آر سي ۾ ڀرتين جو ڪيس ايف آءِ اي کي اماڻي ڇڏيو. اجلاس  ۾ وزارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي آڊٽ رپورٽ 24/2023 جو به جائزو ورتو ويو. آڊٽ رپورٽ ۾ 8 ارب 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ 5 ارب جي بي ضابطگين جي ٻن آڊٽ پيراز تي غور ڪيو ويو. سيد نويد قمر چيو ته هي اٿارٽي پاڻ کي وفاقي حڪومت جي انتظامن هيٺ ناهي سمجهندي. سيڪريٽري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي چيو ته هن موقف کي اسان جي وزارت درست نٿي سمجهي، اٿارٽي وفاقي حڪومت کان فنڊ وٺي ٿي، تنهنڪري اها حڪومت جي انتظامن هيٺ ئي رهندي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پي ايس ڪيو سي اي لاءِ مالي قاعدا هڪ مهيني اندر تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل انڪشاف ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل سميت 7 کان 8 ادارا  آڊٽ ڪرائڻ کان انڪاري آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي آڊٽ کان انڪار ڪندڙ سڀني ادارن جي سربراهن کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.