اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان اهم سفارتي ذميواري سنڀالي ورتي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو باضابطا صدر بڻجي ويو، سلامتي ڪائونسل کي اثرائتي، فعال ۽ سفارتي انداز ۾ هلائڻ  جو اعلان ڪيو آهي، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جولاءِ مهيني ۾ پاڪستان ٻن اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت ڪندو، پهريون اجلاس امن ۽ تڪرارن جي پرامن حل بابت هوندو، ٻيو اجلاس گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي سهڪار تي ٻڌل هوندو، سماجي ادارن جي پليٽفارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته اسان جي صدارت اهڙي وقت ۾ آئي آهي جڏهن سڄي دنيا ۾ تڪرار ۽ انساني بحران شدت اختيار ڪري چڪا آهن، پاڪستان سمورن ميمبر ملڪن سان ڀائيواريءَ جو خواهشمند آهي، اسان يو اين چارٽر، عالمي قانون ۽ اصولن سان سلهاڙيل آهيون، پاڪستان مِڙني ميمبر ملڪن سان گڏجي جامع، متوازن ۽ عملي نتيجن جي حصول لاءِ پرعزم آهي. هي سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني اداري ۾ پاڪستان جو اٺون مدو آهي.