ڪراچي: پيپلز پارٽي ايم پي اي ارباب لطف الله چيو ته اسان ٿر جو سينو چيري ڪوئلو ڏيون پيا پر بجلي وري فيصل آباد کي ملي پئي، هاڻي خاموش نه ويهنداسين. ڪالهه اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي مسئلي تي انتهائي حساس آهن، جيڪو پاڪستان اسان سنڌين ٺاهيو، آئون اڄ اتي پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ پريشان آهيان، هن چيو ته اسان پاڪستان انهي لاءِ نه ٺاهيو هو ته اسان جي ايندڙ نسلن کان پاڻي کسيو ويندو، ٻڌايو وڃي ته اسان پاڪستان لا ڇا ڇا ناهي ڪيو؟ پنهنجا وسيلا ڏيون پيا، تيل، گئس ۽ ڪوئلو ڏنو آهي، ٿر جو سينو چيري ڪوئلو ڏيون پيا پر افسوس آهي ته بجلي اسان کي نه پر فيصل آباد کي ڏني پئي وڃي.