پاڪستان اندر سنڌو سڀيتا جي حصن ۾ نئين “گريٽ گيم”

0
16

هڪ ڪتاب جنهن جو نالو “ON THE DESIGNS OF RUSSIA”  آهي، ان جو ليکڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڊي ليسي  “LIEUT-COLONEL DE LACY”  آهي. ڪتاب لڳ ڀڳ ٻه سئو سال اڳ 1828ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو هو. ڪتاب ان وقت جي رشيا بابت معاشي سياست جي باري ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ اڻويهين صديءَ دوران فرانس ۽ روس جي دنيا ۾ وڌندڙ معاشي تسلط بابت مواد آهي. جنهن جي مقابلي لاءِ برطانيا جي کنيل قدمن ۽ ايندڙ وقت ۾ کين ڇا ڪرڻو آهي اهو بيان ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مواد موجب برطانيا لاءِ سنڌ ۽ سمورو سنڌو درياءَ ان گريٽ گيم جو اهم حصو هئي ۽ ان تي قبضو اڻٽر هو، جنهن جو ڪارڻ ايران واري پاسي توڙي افغانستان واري طرف کان رشيا جي داخل ٿيڻ جا پڪا امڪان هئا ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ افغانستان تي قبضو اڻٽر ڄاڻايل آهي. پر سنڌوءَ جي ٽي هزار ميلن تي ضابطو آڻڻ، سموري هندستان تي قبضي برابر چيو ويو آهي. جيڪڏهن رشيا هن خطي ۾ اچي ٿو ته ان جي مارڪيٽ ۽ صنعت سموري يورپ کي هڪ پاسي هڻي ڇڏيندي. هنن سفارتي انداز وارن جملن جي رمزن جي اکيل ڪبي ته ڳالهه سڌي پئي آهي:

“By means of the intimate intercourse that may thus subsist between Constantinople and the East, connexions and correspondence will be established with Caubul, Lahore, Sind, the Mahratta’s, &c. Emissaries will penetrate into those countries; the project of re-establishing the overthrown musnuds of every class will be diligently disseminated; —the more warlike and dissatisfied portion of the population will be incited to prepare and organize themselves, under the intimation that a general attack is contemplated against the British ascendancy, both in Europe and Asia; auxiliary aid, too, will of course be tendered, and the fidelity of our native troops tampered with”.

”قُسطنطنيه ۽ اوڀر جي وچ ۾ قائم ٿيندڙ ويجهڙائيءَ وارن رابطن جي ذريعي، ڪابل، لاهور، سنڌ، مرهٽا وغيره سان لاڳاپا قائم ٿيندا. انهن ملڪن ۾ هڪ ٻئي جا سفير موڪلي سگهبا؛ هر طبقي جي ڊهي پيل مسند کي ٻيهر قائم ڪرڻ جو منصوبو سرگرميءَ سان پکيڙيو ويندو؛ ويڙهاڪ ۽ ناراض آباديءَ جي حصي کي تيار ٿيڻ ۽ پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ اُڀاريو ويندو. اندازو اهو آهي ته، يورپ ۽ ايشيا ۾ برطانوي بالادستيءَ خلاف هڪ عام حملي جو منصوبو ٺهي رهيو آهي. انهن کي مدد به يقيناً فراهم ڪئي ويندي، ۽ اسان جي مقامي فوجين جي وفاداريءَ سان هٿ چراند ڪئي ويندي.“

ايئن هن ڪتاب ۾ ان گريٽ گيم جو اشارو ڏنل آهي ۽ پوءِ ان ئي ليکڪ پاران هڪ فوجي طور 1840ع واري ڏهاڪي دوران ان کي سڌي ريت “گريٽ گيم. سڏيو ۽ پوءِ اهو سياسي ۽ جنگي اصطلاح بڻجي اسان جي سامهون آيو. ان جي اصطلاح جو ذڪر رڊيارڊ ڪپلنگ پنهنجي ناول “ڪِم” ۾ ڪيو آهي. روس پاران وچ ايشيا جي ترڪستان تي قبضي کي ان گريٽ گيم جي شروعات سمجهيو ويندو آهي. تاريخ ڀريل آهي ته پوءِ برطانوي راڄ ان ڀوَ کان ته متان روس جو بادشاهه زار سندن هندستاني حصي تي قبضو ڪري، ان ڪري هنن سنڌو سڀيتا جي سڀني حصن تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايئن 1843ع کان سنڌ تي قبضي بعد هنن پنجاب ۽ افغانستان تي به قبضو ڪري ورتو. ان جا مُک سبب جنگي ته هئا ئي هئا پر اصل ڳالهه معاشي هئي. برطانيا مانچسٽر ملز برپا ڪرڻ بعد سموري سنڌو درياءَ کي معاشي اچ وڃ لاءِ اهم ٿي ڄاتو. زرعي پيدوار وڌائڻ لاءِ به ان جي وڏي اهميت هئي. هڪ پورو خطو سندن تسلط ۾ اچي ويو. اها گريٽ گيم روس ۽ برطانوي راڄ جي وچ ۾ هئي. جيڪا 1907ع تائين هلي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن ۾ 1853ع کان شروع ٿيل ڪرائيمين جنگ ٽي سال هلي هئي. پر هن خطي ۾ سواءِ سياسي ۽ معاشي ڇڪتاڻ جي سڌي جنگ نه ٿي سگهي جو روس جي زار کي اندروني گڙ ٻڙ سوڙهو ڪري ڇڏيو هو. پر برطانيا 1804ع کان وٺي 1828ع تائين مختلف وقتن تي روس ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ٻن جنگين کان ڇرڪيل هو ۽ کيس خطرو هو ته ايران بعد سنڌ تي روس جو قبضو سولو ٿي ويندو. سنڌ جي واپارين جون انيڪ ڪوٺيون وچ ايشيا ۾ اڳ ئي موجود هيون. ان ڪري ئي برطانيا سنڌ ۾ وڏي پيماني تي صنعت برپا ڪرڻ نه ڏني هئي ته متان انهن جا لاڳاپا وچ ايشيا سان وڌي وڃن، هنن هتي رڳو واپار ۽ مارڪيٽ تي زور ڏنو، اها مارڪيٽ به گهڻي ڀاڱي برطانوي مال لاءِ هئي. ان وقت کان يا ڪيئي صديون اڳ به وچ ايشيا توڙي چين لاءِ سنڌوءَ جا ٻئي پاسا معاشي حوالي سان توڙي اچ وڃ لاءِ اهم رهيا آهن.

انهيءَ گريٽ گيم جي خاتمي بعد به سنڌو سڀيتا وارا حصا ڪڏهن به غير اهم ناهن رهيا. برطانيا جي وڃڻ بعد هاڻوڪي تاريخ ۾ اُڀري آيل ٻن وڏين طاقتن آمريڪا ۽ سوويت يونين به ساڳيءَ ريت پنهنجا پنجا کپايا. افغانستان ٻنهيءَ جو جهڙوڪر جنگ جو ميدان رهيو. 1992ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي بعد روس ۾ اهو دم نه رهيو پر ان پاسي چين هڪ وڏي معاشي طاقت بڻجي سامهون آيو آهي ۽ ان ڪري ان جي معاشي سرگرمي آمريڪا کي ڀانءِ ڪونه پئي اچي. مٿان وري هاڻ روس جو اسرڻ ۽ ان جا چين، هندستان، برازيل، ترڪي، سعودي عرب سان لاڳاپا به هڪ نئين معاشي دنيا قائم ٿيڻ جا ڏس ڏئي رهيا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌو سڀيتا جي اڳوڻين سلطنتن وارن حصن ۾ هڪ نئين “گريٽ گيم” شروع آهي. پاڪستان جو ميدان بڻيل آهي. هن ڀيري سڌي طرح قبضو ڪرڻ يا فوجون لاهڻ بجاءِ پنهنجن پنهنجن مفادن لاءِ پاڪستان، افغانستان ۽ هندستان جي سنڌو سڀيتا وارن حصن ۾ سياسي رانديگرن وسيلي راند جا ميدان سجايا ويا آهن. اهو ڪم ٻن ڏهاڪن کان هلي رهيو آهي. “سيپيڪ” واري معاشي رٿا آمريڪا لاءِ قبوليت جوڳي ٿي نه ٿي سگهي جو چين جو معاشي تسلط وڌي ويندو. ان ڪري ٻنهي ملڪن پاران هر ان پارٽيءَ يا فرد کي استعمال ڪيو ٿو وڃي، جيڪو سڌو يا اڻسڌي طرح ئي سندن مفادن کي فائدو ڏي ٿي، پوءِ اها ڀلين اها پارٽي يا فرد انهن جي خلاف ئي ڇو نه هجي. پر اهڙي “گريٽ گيم” جو هيل تائين ڀوڳيندڙ حصن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان سڀ کان گهڻا رهيا آهن. سنڌ لاءِ ته مسئلو اهو آهي ته اها ٻين جي جنگ جو ميدان بڻجي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ سياسي قيادت جيڪڏهن سمجهه کان ڪم نه ورتو ته “وڙهن سانُ لتاڙجن ٻوڙا” وارو ڪم نه ٿي وڃي.