اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان اسٽيل ملز جو ڪروڙين روپين جي ماليت جو سامان چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙوڇرڪائيندڙ انڪشاف سرڪاري ڪاغذن ۾ ٿيو آهي، ان ڏس ۾ سرڪاري دستاويزن موجب جون 2022ع کان جولاءِ 2022ع تائين هڪ ڪروڙ 17 لک 76 هزار 990 روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪيو ويو
ذريعن ٻڌايو آھي ته چوريءَ جي اڪثر واقعن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جا ملازم ئي ملوث هجڻ جو مامرو سامهون اچي رهيو آھي جون 2021ع۾ 47 لک 10 هزار روپين جي ماليت جي ڪاپر چوري ٿي ويو، آڪٽوبر 2020 ۾ 22 لک 96 هزار ماليت تارون چوري ٿي ويون، مارچ 2021ع ۾ ريل ٽريڪ جو 22 لک 4 هزار 386 روپين جي ماليت جو سامان چور کڻي ويا
فيبروري 2021ع ۾ 10 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جو بجلي وارو سامان، ساڳي سال ۽ مهيني ۾ 8 لک کان وڌيڪ ماليت جي ڪاپ واري تار چوري ٿي وئي. ڊسمبر 2020ع ۾ چور پوڻا 4 لک روپين جي ماليت جي ٽرانسميشن لائين جي ڪنڊڪٽر کڻي فرار ٿي ويا. اهڙي طرح نومبر 2020ع ۾ 40 هزار روپين جي ماليت جي اليڪٽرڪ پول ڪٽ چوري ٿي ويو