اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان اسرائيل تي ايٽمي حملي بابت سوشل ميڊيا تي وائرل خبرن کي فيڪ قرار ڏئي ڇڏيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته فيڪ نيوز ۾ ايراني جنرل سان بيان منسوب ڪيو ويو ته جيڪڏهن ايران تي ايٽمي حملو ٿيو ته پاڪستان اسرائيل تي ائٽمي حملو ڪندو، اي آءِ جنريٽيڊ اميج هلائي وئي، پرڏيهي وزارت ايران بابت اهڙو ڪوبه بيان نه ڏنو آهي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ خبرون وائرل ٿي رهيون آهن، اسان کي احتياط ڪرڻو پوندو، جنگ ڪا مذاق ناهي، ڪوڙين ڳالهين ۽ شين کي واضح ڪنداسين، پاڪستاني ايٽمي پروگرام ۽ ميزائل ملڪ جي حفاظت لاءِ آهن، اسرائيل ۾ پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي جُرئت ناهي، سينيٽ ۾ پاليسي بيان ڏيندي اسحاق ڊار نيتن ياهو جي پاڪستان مخالف بيان تي چيو ته اُهو بيان ڀلي 2011 جو هجي، تڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پاڪ فوج لاڳيتو الرٽ آهن، نائب وزيراعظم چيو ته اسرائيلي حملن کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير سان رابطو ٿيو، جنهن جو چوڻ هو ته ايران هاڻوڪي حملي جو جواب ته ڏيندو، پر اسرائيل وڌيڪ حملا نه ڪيا ته ايران ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار آهن، پاڪستان اها ئي ڳالهه اڳتي وڌائي ته هاڻي به وقت آهي.