تاشقند (م ڊ) افغان عبوري سرڪار پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي، علائقائي امن ۽ استحڪام سڀني جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم شهباز شريف تاشقند ۾ يادداشتنامن تي صحيون ڪيون، پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ واپاري ڪاٿو 2 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، سائنس ٽيڪنالوجي، سفارتي پاسپورٽ ۽ نوجوانن جي معاملن سوڌو مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا معاهدا، تاشقمند ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم چيو ته ازبڪستان کي ڪراچي ۽ لاهور سان جوڙينداسين، ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب دوران مائينز ۽ منرلز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي تجويز ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته ٽرانس افغان ريلوي رٿا خطي جي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، ٻنهي ملڪن جي تاجر برادري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ازبڪ صدر پاران گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاه ڪيو، اُن کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ازبڪ صدر سان ملاقات ڪئي، ڪانگريس سينٽر ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.