اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري (پي او ايف) کانسواءِ هٿيارن جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي، گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري کانسواءِ ڪنهن به ڊيلر جون رسيدون قابل قبول ناهن، گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته هٿيارن جا ڊيلر منع ٿيل بور هٿيار وڪرو نه ڪري سگهندا، لائسنس هولڊرز کي به منع ٿيل بور هٿيار وڪرو نه ڪري سگهبو، لائسنس پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري کان خريد ڪيل هٿيارن جو ئي ٺهندو، ٻين کان خريد ڪيل هٿيار جو لائسنس نه ٺهندو، ذريعن موجب لائسنس هولڊرز صرف پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري کان ئي هٿيار خريد ڪري سگهندا.