دبئي(اسپورٽس نيوز) مشهور پاڪستاني گيمر ارسلان ايش سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندڙ 2025 اي اسپورٽس ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي.ارسلان ايش 2025 ۾ اي اسپورٽس ورلڊ ڪپ ۾ ٽيڪن 8 ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي جاءِ محفوظ ڪري ورتي آهي.اي اسپورٽس ورلڊ ڪپ 7 جولاءِ کان 24 آگسٽ تائين هلندو، جنهن ۾ 25 اي اسپورٽس ٽائيٽلز ۽ 200 کان وڌيڪ ڪلبن جا 2,000 کان وڌيڪ رانديگر 70 ملين ڊالر جي انعامي پول لاءِ مقابلو ڪندا.ٽيڪن 8 ٽورنامينٽ 14 کان 16 آگسٽ تائين هلندو، جنهن ۾ 32 مشهور رانديگر هڪ ملين ڊالرن ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندا.