دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم نه صرف مقابلو ڪندڙ بلڪ عزت ڪندڙ ٽيم به آهي. ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کليل دل سان پاڪستاني ٽيم ۽ بابراعظم جي تعريف ڪئي. ويرات ڪوهلي چيو ته بابراعظم مونکان گهڻو جونيئر آهي، هن ۾ سکڻ جو جذبو آهي ۽ اهو گهڻي عزت ڪندو آهي. بابراعظم کي هر فارميٽ ۾ سٺو کيڏندي ڏسي حيرت ناهي ٿيندي ڇو ته اهو ٽيلنٽڊ آهي. هن سان احترام جو رشتو آهي.  ويرات ڪوهلي چيو ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. بابراعظم سميت سمورا پاڪستاني رانديگر سويٽ ۽ فرينڊلي آهن.