گيانا(اسپورٽس نيوز) ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل ۾ پاڪستان جي نوجوان بيٽسمين صائم ايوب جي شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري آهي، هڪ وڌيڪ ففٽي هڻي هڪ دفعو ٻيهر مداحن جون دليون کٽي ورتيون، ٽورنامينٽ ۾ صائم جي اها لڳاتار ٽين ففٽي هئي گيانا ايميزون واريئرز طرفان کيڏندي صائمه 53 بالن تي 85 رنسون ٺاهيون جنهن۾ 5 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا. کيس مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان اڳ بارباڊوس ۽ ٽرنبيگو خلاف به صائم ايوب ففٽيون هڻي چڪو آهي. ڪيريبين پريميئر ليگ جو ٽاپ اسڪورر پڻ آهي، 21 سالن جي پاڪستاني بيٽسمين ٽورنامينٽ جي 7 اننگز ۾ 288 رنسون ٺاهيون آهن.