بينگلور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ جمعي تي ٿيل ميچ دوران قومي ٽيم جي ڪپتان وقار يونس جي بيان سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو. وقار يونس آفيشل براڊ ڪاسٽرز جي پوسٽ ميچ شو ۾ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن ۽ اڳوڻي ڪپتان ايرون فنچ سان گڏ تبصرو ڪيو. تبصرو ڪندي وقار يونس چيو ته “هو اڌ آسٽريلوي آهي مون کي صرف پاڪستاني نه چئو” . واضح رهي ته وقار يونس جي گهرواري ڊاڪٽر فريال آسٽريلوي شهري آهي ۽ وقار ڊگهي عرصي کان پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آسٽريليا ۾ رهندو آهي. وقار يونس جو تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار اڳوڻي ڪپتان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.