واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميڊيا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ورتا، آمريڪي خابرو اداري سي اين اين جي انٽرنيشنل ڊپلوميٽڪ ايڊيٽر نِڪ رابرٽسن پنهنجي ٽي وي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪيترن ڏينهن کان ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبندي لاءِ ڪوششون جاري هيون، جيڪي ڪامياب نه ٿي سگهيون، جنهن کانپوءِ ڀارت پاڪستان جي ايئر بيسز تي حملو ڪيو. نِڪ رابرٽسن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حملن کان پوءِ پاڪستان طرفان ڀارت تي ميزائلن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن کان پوءِ ڀارت ڳالهين جي ميز تي اچڻ تي مجبور ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ميزائلن جي حملن ڀارت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. آمريڪي صحافي ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سعودي عرب ۽ ترڪي جي اختيارين سان رابطو ڪيو ۽ ساڻن ڳالهين کانپوءِ سفارتي طريقي سان معاملو حل ٿيو ۽ جنگبندي ممڪن ٿي.