لاهور (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر زمان خان جو انگلش ڪائونٽس ڊربي شائر سان معاهدو ٿي ويو جنهن بعد هو ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ حصو وٺندو. زمان خان هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڊربي شائر جي ٽيم کي جوائن ڪندو. ان ڏس ۾ ڊربي شائر ڪائونٽي جي ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني پيسر زمان خان باصلاحيت بالر آهي. زمان خان پاڪستان سُپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندو آهي، کيس ڊيٿ اوور اسپيشلسٽ به چيو ويندو آهي. ياد رهي ته فاسٽ بالر پي ايس ايل اٺ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي پاڪستان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي هئي ۽  هلندڙ سال افغانستان خلاف سيريز ۾ ڊيبيو ڪيو هو.