واشنگٽن / اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو 59 سيڪڙو کان گهٽجي 47 سيڪڙو ٿي ويو، عالمي مئگزين بلوم برگ جي رپورٽ موجب پاڪستان جي ڊفالٽ رسڪ ۾ 12 مهينن دوران وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، عالمي مالياتي ادارن پاران ڪريڊٽ آئوٽ بهتر ٿيو، ڪريڊٽ آئوٽ بهتر ٿيڻ، معاشي استحڪام ۽ سڌارن سبب ڊفالٽ رسڪ گهٽيو آهي، پاڪستان جي ڊفالٽ رسڪ ۾ گهٽتائي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي آهي، وفاقي ناڻي وزارت جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو ته پاڪستان عالمي درجي بندي ۾ ڊفالٽ رسڪ جي لحاظ کان پهريون نمبر حاصل ڪيو آهي، بلوم برگ انتيليجنس موجب پاڪستان خودمختيار ڊفالٽ رسڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بهتري ڏيکاري آهي