ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه پنهنجي پنجابي فلم ”سردار جي 3“ جي رليز بابت ڳالهائيندي چيو آهي فلم هاڻي ڀارت ۾ رليز نه ٿيندي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب سرحد پار فنڪارن لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي مڪمل مڙهيل آهي. ان پابندي سبب فلم ”سردار جي 3“ڀارت ۾ رليز ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. دلجيت دوسانجهه هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ فيبروري ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا نارمل هئا، پر هاڻ حالتون خراب ٿي ويون آهن، جنهن سبب فلم جو ڀارت ۾ رليز ٿيڻ ممڪن ناهي. هن ٻڌايو ته فلمسازن فلم تي جو گهڻي سيڙپ ڪئي آهي ۽ ان ڪري هاڻ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته فلم ڀارت کان ٻاهر رليز ڪئي ويندي. دلجيت چيو ته جڏهن مون فلم سائن ڪئي ان وقت صورتحال ٺيڪ هئي پر هاڻ حالتون اسان جي هٿ ۾ نه آهن ۽ مان فلمسازن سان گڏ آهيان، مان ڄاڻان ٿو ته فلم ڀارت ۾ رليز نه ٿيڻ سبب نقصان ٿيندو. فلم ۾ دلجيت دوسانجهه هڪ اهڙو ڪردار نڀائي رهيو آهي
جيڪو جنن جو پيڇو ڪري ٿو ۽ فلم ۾ مزاح، فئنٽسي ۽ هارر جا رنگ شامل آهن. ياد رهي ته فلم سردار جي ٿري 27 جون 2025 تي ڀارت کانسواءِ سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.