لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز اداڪارا يمونا زيدي ۽ اداڪار اسامه خان جي فلم “ناياب” کي شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) فلم فيسٽيول 2025 ۾ باقاعده مقابلي لاءِ چونڊيو ويو آهي. هي فيسٽيول شنگھائي تعاون تنظيم جي ايندڙ سربراهي اجلاس جو حصو آهي، جيڪو مختلف ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تبادلي ۽ فلمي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيو ويندو آهي. فلم “ناياب” کي هن اعزاز سان بين الاقوامي سطح تي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي، جنهن کي پاڪستاني سينيما لاءِ هڪ اهم ترقي قرار ڏنو پيو وڃي. هن چونڊ کي پاڪستاني فلم انڊسٽري جي معيار ۽ تخليقيت جو اعتراف سمجهيو پيو وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايس سي او فلم فيسٽيول ميمبر ملڪن جون فلمون ڏيکاريندو آهي، جتي مختلف ثقافتن کي اجاگر ڪندڙ فلمون مقابلو ڪنديون آهن. هن پليٽ فارم ذريعي، پاڪستاني فلمون بين الاقوامي سامعين تائين رسائي حاصل ڪن ٿيون ۽ عالمي اسٽيج تي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهين ٿيون. يمني زيدي جي هي فلم اڳ ۾ ئي ڪيترائي ايوارڊ کٽي چڪي آهي. فلم ناياب کي مئي 2024 ۾ فرانس ۾ ٿيل ‘ورلڊ ڪينز فلم فيسٽيول’ ۾ ٻه ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. هن فلم جي ڪهاڻي ڪراچي جي ناياب نالي هڪ ڇوڪري جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن جو ڪردار يمني زيدي ادا ڪيو آهي، جيڪا ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽر بڻجڻ چاهيندي هئي، پر خانداني ۽ سماجي مسئلن جي ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿي.