اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي حڪومت پنهنجي شهرين لاءِ ٽريول ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آھي ته اسرائيل جي حملن سبب محدود وقت لاءِ شهري ايران نه وڃن، وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته حڪومت پاڪستاني شهرين لاءِ ٽيريول ايڊوائزي جاري ڪئي آھي، جنهن ۾ چيو ويو آھي ته اسرائيل جي حملن سبب شهري محدود مدت لاءِ ايران جو سفر نه ڪن، حڪومت جي پنهنجي شهرين جي سلامتي ۽ حفاظت جي حوالي سان صورتحال تي گهري نظر آھي، ايران ۾ موجود پاڪستانين کي حفاظت سان واپس آڻڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جي هدايت جي روشني ۾ ضروري قدم ۽ انتظام ڪيا پيا وڃن.