پاڪستان جي سياسي تاريخ هميشه بحرانن سان ڀرپور رهي آهي. جڏهن ته جمهوريت جو نظام ڪنهن ملڪ لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۾ “نج جمهوريت” هڪ چيلينج رهيو آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت جو سفر ڪيترن ئي جهيڙن، آمريتي مداخلتن ۽ سياسي بحرانن کان متاثر ٿيندو رهيو آهي، جنهن سبب جمهوريت تان عوام جو اعتماد گهٽجي ويو آهي. پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ جتي ڪنهن وقت اقتدار جي بازيءَ ۾ مقابلو عروج تي رهيو، اُتي عوام کي هميشه جمهوريت جي صحيح مفهومن کان پري رکيو ويو. فوجي آمرن، جيئن، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف سميت اڳ يا پوءِ هر آمر ملڪ جي سياست ۾ مداخلت ڪئي ۽ جمهوريت کي نقصان رسائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن فوجي آمريت جي دورن سياسي آزادين ۽ جمهوريت جي بنيادي اصولن کي پائمال ڪيو. انهن آمريت جي دورن ۾ سياسي جماعتن ۽ قيادت کي پنهنجو مطيع ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ ڊڪٽيٽرشپ ۽ اقتدار جو نظام هلڻ لڳو.ٻئي پاسي، جڏهن به پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيندي آهي، ان ۾ سياسي جماعتن جي اندروني جهيڙن، بدعنواني ۽ عوام جي اعتماد جي کوٽ موجود هوندي آهي. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته سياسي جماعتون هڪ ٻئي تي الزام لڳائينديون آهن ۽ عوام کي ڪو به سٺو متبادل ناهي ملندو. ان جا اثر جمهوريت جي عملن ۾ اهم رڪاوٽ بڻجن ٿا. مثال طور، پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جهڙيون وڏيون جماعتون اقتدار ۾ آيون، پر انهن جي حڪمراني ۾ عوام کي اڻ ڳڻيا مسئلا سامهون آيا، جهڙوڪ معاشي، بدتري، قانوني ۽ انصاف جا مسئلا.
هن صورتحال ۾، پاڪستان ۾ سياست ۽ جمهوريت کي شفافيت، ايمانداري ۽ عوامي خوشحالي جي ضرورت آهي. جيستائين سياسي جماعتون هڪ ٻئي سان گڏجي ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ ۽ عوامي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿيون ٿين، پاڪستان اندر جمهوريت جو خواب “خواب” ئي رهندو. جمهوريت جو مقصد صرف طاقت جو حصول نه، پر عوام جي فلاح ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي، جيئن پاڪستان هڪ مضبوط ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجي سگهي.