لاهور (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ ۾ ڪنهن به فرنچائز پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي خريدڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. ميڊيا رپورٽن موجب، 45 پاڪستاني رانديگرن ليگ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي هئي، جن ۾ نسيم شاهه، عماد وسيم ۽ صائم ايوب شامل هئا، پر ٽورنامينٽ ۾ شامل 8 فرنچائزن مان ڪنهن به کين پِڪ نه ڪيو. مانچسٽر اوريجنلز فرنچائز افغانستان جي اسپنر نور احمد کي 2 لک پائونڊن (اٽڪل 7 ڪروڙ 25 لک پاڪستاني رپيا) ۾ اسڪواڊ جو حصو بڻايو. گذريل سال ليگ ۾ نسيم شاهه 1 لک 20 هزار يورو (اٽڪل 3 ڪروڙ 62 لک رپيا) جي ريزرو قيمت سان سڀ کان مهانگي پاڪستاني رانديگر طور پِڪ ٿيو هو. عماد وسيم ۽ صائم ايوب 78 هزار يورو (اٽڪل 2 ڪروڙ 35 لک رپيا) ۾ ڊرافٽ جو حصو بڻيا هئا. ان کانسوا آل رائونڊر شاداب خان، حسن علي ۽ محمد حسنين 63 هزار پائونڊ (تقريبن 2 ڪروڙ 27 لک رپيا) جي ريزرو قيمت سان لسٽ ۾ شامل هئا.