واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ افغانستان کي ڏنل آمريڪي هٿيار استعمال ٿيڻ جي پاڪستاني دعويٰ جي تصديق ٿي وئي. آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته آمريڪي  فوج ۽ پينٽاگون به تصديق ڪئي آهي ته پاڪستاني اختيارين طرفان صحافين کي ڏيکاريل ايم 16 رائفلز ۽ نائيٽ ويزن ڊوائسز سميت ٻين هٿيارن مان 63 هٿيار آمريڪي حڪومت افغان فورسز کي ڏنا هئا. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب سال 2018 ۾ آمريڪا ۾ ٺهندڙ M4A1 رائفل گذريل مهيني بلوچستان ٽرين حملي کانپوءِ حملي آورن وٽان برآمد ٿي. اخبار موجب آمريڪي رائفل اربين ڊالرن جي ان آمريڪي فوجي سامان ۾ شامل هئي، جيڪو 2021 ۾ نڪرڻ وقت افغان فورسز کي ڏنو ويو هو، پوءِ اهو هٿيار سرحد پار پاڪستان جي هٿيار بازارن ۽ عسڪريت پسندن جي هٿن تائين پهتو. آمريڪي اخبار ٻڌايو ته پاڪستاني اختيارين، هٿيارن جي واپارين ۽ عسڪريت پسندن موجب آمريڪي رائفلز، مشين گنز ۽ نائيٽ ويزن گلاسز ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين گروپن جي حملن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. گذريل سال پاڪستاني اختيارين آمريڪي اخبار کي دهشتگردن وٽان برآمد ڪيل آمريڪي هٿيارن تائين پهچ ڏني هئي.