اسڪردو (اسپورٽس ڊيسڪ) دنيا جي بلند ترين چوٽي ”براڊ پيڪ“ پار ڪندي زخمي ٿيندڙ مشهور رڪارڊ يافته پاڪستاني جبل چاڙهو مراد سد پارا لاڏاڻو ڪري ويو آهي. جنهن جو مڙهه ريسڪيو ڪري اباڻي علائقي اسڪردو پهچايو ويو آهي. مراد سد پارا 10 آگسٽ جي شام ڌاري براڊ پيڪ پار ڪري واپس اچي رهيو هو ته ڪيمپ 1 ۾ راڪ سلائيڊنگ جي ڪري گم ٿي ويو هو.