اسلام آباد(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان آرمي جي ڪامياب ريسڪيو آپريشن ذريعي جبل چاڙهو عورت ثمينه بيگ کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو ثمينه بيگ کي طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري ڪي ٽي بيس ڪيمپ تان ريسڪيو ڪيو ويو.ثمينا بيگ ڪي ٽي چوٽي پار ڪرڻ لاءِ ويندڙ مهم جو حصو هئي، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ اٽليءَ جا جبل چاڙهوشامل هئا. پنج جولاءِ تي ثمينا بيگ جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ بگڙجندڙ حالت جي ڪري کيس جبل چڙهڻ جو مشن ڇڏڻو پيو هو. شروعاطي طور تي ثمينا بيگ کي ڪي ٽي بيس ڪيمپ منتقل ڪيو ويو جتان کيس گھوڙي تي واپس اسڪول آندو ويو. پاڪستان آرمي ايوي ايشن جي ريسڪيو لاءِ تيار اڏام موسم جي خرابي جي ڪري ممڪن نه ٿي سگھي.