اسلام آباد(انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هوائي ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ جو تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، اسڪاءِ ونگز ايوي ايشين دنيا جي انوکي سروس پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي رهي آهي. اسڪاءِ ونگز ايوي ايشن جي سي ايِ او  عمران اسلم جو چوڻ آهي ته ايريل ٽور سروس لاءِ استعمال ٿيندڙ جهاز پاڪستان پهچي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته  ڊي اي 40 ڊائمنڊ سيريز ماڊل واري جهاز جو ليز تي معاهدو ٿي ويو آهي، سنگل انجڻ جهاز ۾ هڪ ئي وقت 4 مسافر سفر ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته جهاز جي سروس لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ويندي، جهاز گوادر جو سفر پوڻن ٽن ڪلاڪن جڏهن ته نوابشاهه سوا ڪلاڪ ۾ طئي ڪندو. اسڪاءِ ونگز ايمبولينس سروس، ون ڊي پائيلٽ ۽ تربيت ڏيڻ وارا ڪم پهريان ئي ڪري رهيو آهي، عمران اسلم چيو ته انوکي سروس تحت گهٽ وقت ۾ ڪا به خدمت حاصل ڪري سگهجي ٿي.